ايس جي ڀاڳيا

ايس جي ڀاڳيا

ايس جي ڀاڳيا

ايس. جي. ڀاڳيا: نامياري اديب ايس جي ڀاڳيا جو اصل نالو سڌام چند گوڪل مل ڀاڳيا آهي. سندس جنم 6 نومبر 1955ع تي پني عاقل ۾ ٿيو. پرائمري تعليم پني عاقل جي گورنمينٽ مين پرائمري اسڪول مان حاصل ڪيائين ۽ مئٽرڪ ڊي سي هاءِ اسڪول مان 1976ع ڌاري ڪيائين. وسيع مطالعو رکندڙ ايس. جي. ڀاڳيا پني عاقل ۾ ڊراميٽڪ سوسائٽي جو بنياد وڌو ۽ ڪيترائي ڊراما اسٽيج پڻ ڪيائين. پاڻ انهن ڊرامن ۾ ڇوڪرين جا ڪردار به خوب نڀايائين. سنڌي ادبي سنگت سان سندس تعلق 1977ع کان رهيو آهي ۽ هن وقت تائين ان جو سرگرم ساٿي ڪارڪن آهي. سنڌي ادبي سنگت مرڪز جي چونڊن ۾ به حصو وٺندو رهيو آهي ۽ پني عاقل شاخ جو ڪيترا ڀيرا سيڪريٽري رهي چڪو آهي. هو مهراڻ ايڊيوڪيشنل سوسائٽي جو سيڪريٽري پڻ آهي. جنهن جي پليٽ فارم تان اسڪول، ڪاليج ۽ ميڊيڪل سينٽر هلي رهيا آهن. ايس جي ڀاڳيا 1977ع ۾ سياست ۾ به حصو ورتو. شروع کان ئي کاٻي ڌر سان وابسته رهيو. بنيادي طور تي ڪميونسٽ پارٽي آف پاڪستان سان تعلق هئس، جڏهن ته عوامي نيشنل پارٽيءَ ۽ بي اين پي ۾ به ڪم ڪيائين ۽ هاڻ پاڪستان پيپلزپارٽي سان همدرديون اٿس. هن ايم. آر. ڊي تحريڪ ۾ به ڀرپور حصو ورتو. قومي، عوامي جدوجهد ڪندي ٻه ڀيرا جيل به ڪاٽيائين. 1985ع ۾ پني عاقل ۾ هڪ شاندار ”100 ساله جشن ڪنور ڀڳت“ منعقد ڪرايائين. سندس شاعري ۽ ڪالم ڪيترن ئي اخبارن ۽ رسالن ۾ شايع ٿين ٿا.


لفظ ايس جي ڀاڳياھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو